سچل سرمست رح سچ جي صدا

سچل سرمست رح سچ جي صدا

سچل سرمست رح سچ جي صدا

سچل سرمست رح: سچ جي صدا (ڪتاب): هي ڪتاب، سچل سرمست جي شاعري، فن، فڪر ۽ سندس دور تي روشني وجهندڙ مقالن جي ترتيب تي مشتمل آهي. ڪتاب جي مرتب سميه قاضي آهي. مقالن جا ليکڪ ڊاڪٽر اياز قادري (منصور حلاج ۽ سچل سائينآغا سليم (سچل سرمست ۽ سماع)، ڊاڪٽر غلام علي الانا (سچل سرمست جو تاريخي ادبي دور)، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي (سچل- صوفي لاڪوفي)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (سچل سائين محبوب جي حضور ۾)، ڊاڪٽر نواز علي شوق (سچل جي شاعري، تاريخ جي روشنيءَ ۾)، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (سچل جو سرائيڪي ڪلام)، غلام مصطفيٰ قاسمي (حضرت سچل سرمست ۽ همه اوست)، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر (انساني عظمت ۽ سچل سرمستدادا سنڌي (سچل جي حب الوطني)، تاج جويو (پٺيءَ ڄڃ م ڄُل)، ف. م. لاشاري (ڪلنگيءَ وارو ڪير؟)، محمد پنهل ڏهر (سچل سرمست جو عـاشـق: پير حسام الدين راشدي)، امـام راشــدي (سـچـل جـو شـارح: تنوير عباسي)، ڊاڪٽر عطا محمد حامي (سچل جون فارسي مثنويون)، عثمان علي انصاري (سچل جو مطالعو ڪيئن ڪجي؟)، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ (سچل سرمست صوفي ۽ شاعر جي حيثت ۾)، ڪريم بخش خالد (جوڳي آيو جوءِ ۾)، ادل سومرو (موجوده دور ۾ سچل سرمست جي ڪلام جي اهميت ۽ افاديت)، انعام شيخ (سچل سنڌ جو منصور)، ڊاڪٽر بشير احمد شاد (وحدت الوجود جو نظريو ۽ سچل سرمست)، ڊاڪٽر فهميده حسين (شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ ڏک جو عنصر)، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (سچل جو سنيهو)، حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري (سچل سرمست جي شاعري) ۽ رشيد ڀٽي (سچل سارو سچ).
ڪتاب ۾ ناشر نوٽ عبدالعزيز عقيلي (سيڪريٽري ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ) جو آهي ۽ مقدمو ليکڪا جو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، جولاءِ 2012ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو